جيها مسجد

جيها مسجد

جيها مسجد

جيها مسجد: هيءَ مسجد ڳوٺ جيها تعلقي ڪنگري، ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهي. هيءَ مسجد خيرپور رياست وارن ڏهاڙن دوران تعمير ٿي هئي. مسجد جي پيڙهه پڪين سرن جي آهي، جڏهن ته باقي ڪچين سرن ۽ گچ گاري جو استعمال ڪيو ويو آهي. هيءَ مسجد ڳوٺ جي آباديءَ جي وچ ۾ آهي، ان ڪري اُن جي چوڌاري ديوار ڏياري وئي آهي. مسجد جي آڳنڌ واري ديوار پڪين سرن جي آهي، جنهن تي بُٺيءَ نموني ڪنگريون آهن، جن مان ڪجهه ڊهي پيون آهن. ديوار جي وچ ۾ اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ واري لنگهه ۾ دروازو آهي. مسجد جي اڱڻ ۾ پڪين سرن جي فرش بندي آهي. مهاڙيءَ ۾ ٽي طاقچا آهن، جن مان وچئين طاقچي جي چؤڪاٺي ۾ دروازو آهي، باقي ٻنهي طاقچن ۾ درين جا ڪالم ٺاهيا ويا آهن. وچون طاقچو مٿي وڃي تاج ٺاهي ٿو، جنهن تي ٻيڙ ٻني سان لڳاتار بُٺيءَ نموني ڪنگريون آهن. ڇت کي ٻيڙ ٻنو فقط مهاڙيءَ ۾ ڏنل آهي. مسجد جي ڇت تي اٺ ڪنڊي گچ مٿان گنبذ رکيو ويو آهي. گنبذ تي ڪوڻيءَ جي گل جو نمونو ڪڍي بوبڻي ٺاهي، ان جي مٿان نيل هنئي وئي آهي. مسجد جي حجري ۾ به فرش بندي ٿيل آهي، ديوارن کي سائو رنگ ڪيل آهي. مسجد اندران توڙي ٻاهران رنگ روغن ۾ بلڪل سادي آهي. پيڙهه کان مٿي گاري جو ليپو ڏنل آهي، مسجد اندر هوا جو گذر آهي، هڪ پاسي کان دري ڇڏيل اٿس. مسجد جي اڱڻ ۾ نم جو وڻ آهي. مسجد جي مرمت ڳوٺاڻا ڪندا رهن ٿا ۽ اڄ به اُن ۾ نماز جي ادائگي ٿيندي آهي، البت عمارت ڪنهن قدر جهريل ڏسجي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو